پچڻ کي پچاءِ

پچڻ کي پچاءِ (ڪتاب): هي مشهور ليکڪا ۽ ڪهاڻيڪار ريٽا شهاڻيءَ جي ڪهاڻين جو مجموعو آهي. هن ڊيمي سائيز جي 104 صفحن تي مشتمل ڪتاب جي قيمت 35 رپيا آهي. سنگيتا پبليڪيشن بڙودا پاران ڇپايل هن ڪتاب ۾ ريٽا شهاڻيءَ جون 15 ڪهاڻيون آهن. ڪتاب جو مهاڳ پوپٽي هيراننداڻيءَ جو لکيل آهي. هن مجموعي جي ڪهاڻين ۾ ريٽا مرد جي ڪن ڪمزورين کي چٽيو آهي. هن گوناگون موضوع کنيا آهن، جن ۾ ڪي اڄ جي ماڊرن زندگيءَ جا مسئلا به آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو